هارين جي مودي حڪومت خلاف تحريڪ جاري، اپوزيشن پارٽين جي حمايت جو اعلان

نئين دهلي: ڀارتي هارين جي مودي حڪومت جي تڪراري زرعي قانون جي خلاف تحريڪ جاري آهي.مودي دهلي جي ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي وڌائي ڇڏي آهي. ڪانگريس سميت سمورين وڏين اپوزيشن پارٽين هارين جي ملڪ گير هڙتال جي مڪمل حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن مودي سرڪار هارين جي تحريڪ کان ڊڄي گادي واري شهر دهلي جي ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي جي انتظامن کي سخت ڪري ڇڏيو آهي.هارين اترديش ۽ اتر کنڊ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. اڳواڻن زرعي قانون کي معطل ڪرڻ جي آڇ به ٻيهر رد ڪري ڇڏي آهي. غازي پور بارڊر تي هاري اڳواڻ راڪيش نڪيٽ ڪوڪا لڪائڻ جي جڳهه تي مٽي وجهي گل لڳائي ڇڏيا آهن جڏهن ته ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪئي.هارين جو چوڻ آهي ته 26 جنوري تي ٽريڪٽر پريڊ تحريڪ ۾ نئين روح ڦوڪي ڇڏي آهي. ڪانگريس سميت ٻين سياسي پارٽين هارين جي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي مودي سرڪار پنهنجي حرڪتن کان باز نه آئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔