هڪ ٻئي نوجوان ڀارتي اداڪار آپگهات ڪري ڇڏيو

نئين دهلي: ٽيليگو اداڪار ۽ ماڊل سري واستو چندراسڪير ڦاهو لڳائي آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب اربع جي ڏينهن ڀارتي فلم انڊسٽري سان تعلق رکندڙ اداڪار پنهنجي گهر ڀاتين کي شوٽينگ تي وڃڻ جو چئي گهر مان نڪتو هو جنهن کان پوءِ اداڪار پنهنجي فيملي جي ملڪيت ٻئي گهر ۾ هليو ويو ۽ ڦاهو لڳائي آپگهات ڪري ڇڏيو.ميڊيا رپورٽن موجب اداڪار جي ڦاهو لڳل لاش ان جي گهر مان هٿ آئي هئي جنهن کي اداڪار جي پيءُ خميس جي ڏينهن ڪاروباري مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو هو. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اداڪار نفسياتي مسئلن جو شڪار هو جنهن جي تحت ان جو علاج هلي رهيو هو.نوجوان اداڪار جي آپگهات کان پوءِ فلم انڊسٽري سان تعلق رکندڙ ٻيا ماڻهو به غيريقيني جو شڪار آهن ۽ گهري صدمي ۽ افسوس جو اظهار ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔