آغا سراج دراني جي شهريار مهر سان ملاقات، شڪارپور جي سياست ۾ اٿل پٿل جو امڪان

شڪارپور: جي ڊي اي اڳواڻ شھريار مھر جي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني سان ملاقات شڪارپور ضلعي جي سياست ۾ اٿل پٿل اڻي ڇڏي آهي. سياسي مبصرن پاران ڪيترائي سوال اٿاريا پيا وڃن، معلوم ٿيو آهي ته سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ڪوٽ دراني هائوس ڳڙهي ياسين ۾ ملاقات ٿي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آغا سراج دراني پ پ ۾ رستا سوڙها محسوس ڪندي ۽ شھريار مھر پي ٽي آءِ پاران فنڊ نه ملڻ ڪري پريشان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته اها ملاقات ايندڙ مڪاني چونڊن جي حوالي سان اهم سمجهي پئي وڃي وڃي، جنهن ۾ پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي ايم پي اي ذوالفقارڪماريو کي سائيڊ ڪرڻ جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔