سينيٽ اليڪشن ۾ ڌانڌلي واري پي ٽي آءِ جي ڪوشش ناڪام ٿي ويندي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد: پ پ چيئرمين سينيٽ اليڪشن بابت وفاقي حڪومت جي آرڊيننس کي سينيٽ چونڊن سوڌو ادارن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش قرار ڏئي ڇڏيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هن ڀيري سينيٽ اليڪشن ۾ فرق نظر ايندو، تنهن ڪري عمران سرڪار ٽپا ڏئي رهي آهي، آرڊيننس واري فيصلي سان عمران خان پنهنجي ميمبرز تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي، کيس پنهنجي ئي ميمبرز تي اعتبار نه رهيو آهي، سينيٽ اليڪشن ۾ ڌانڌلي واري پي ٽي آءِ جي ڪوششن ناڪام ٿي ويندي، پي ڊي ايم هيل تائين صحيح ڪارڊز کيڏيا آهن، ٻيا آپشنز سينيٽ اليڪشن کانپوءِ ظاهر ڪيا ويندا، اوپن بيلٽ واري معاملي تي فيصلو ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي، عمران خان کي جمهوريت کي نقصان پهچائڻ سوڌو هر گناهه جو حساب ڏيڻو پوندو، اسان کيس ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔