سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ کي سڀ کان وڌيڪ 28 سيٽون ملڻ جا امڪان

اسلام آباد: هن سال سينيٽ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي 28 سيٽن سان سڀ کان وڏي پارٽي بڻجڻ جا امڪان آهن، ٻئي نمبر تي 19 سيٽن سان پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ 18 سيٽن سان ٽئين نمبر تي اچڻ جو امڪان آهي. هن ڀيري 48 سيٽن تي چونڊون ٿينديون، فاٽا جي سيٽن تي چونڊون نه ٿينديون جنهنڪري سينيٽ جون سيٽون 104 مان گهٽجي 100 رهجي وينديون. پي ٽي آءِ جون سينيٽ ۾ هن وقت 14 سيٽون آهن، ان جا 7 سينيٽر ريٽائر ٿيندا، پي ٽي آءِ کي ڪي پي مان 10، پنجاب مان 6، اسلام آباد ۽ سنڌ مان 2-2 ۽ بلوچستان مان هڪ سيٽ ملڻ جو امڪان آهي. ن ليگ جون سيٽون 30 مان گهٽجي 18 رهجي وينديون، سينيٽ ۾ ان کي پنجاب مان رڳو 6 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته پ پ جون سيٽون 21 مان گهٽجي 19 رهجي وينديون، ان کي سنڌ مان 6 سيٽون ملڻ جو امڪان آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔