وينا اسد ڪيس: گهرو ۽ پرڏيهي وزارتن کي نوٽيس جاري

اسلام آباد: وينا ملڪ جي اڳوڻي مڙس جي ٻن ٻارن کي پاڪستان منتقلي جي خلاف درخواست ۾ عدالت گهرو ۽ پرڏيهي وزرتن کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وينا ملڪ جي اڳوڻي مڙس جي ٻن ٻارن کي پاڪستان منتقلي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس اطهر من الله اسد خٽڪ کي چيو ته توهان گذريل ٻڌڻي کانپوءِ ڪورٽ پراسيس فيس جمع ناهي ڪرائي.
اسد خٽڪ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪجهه وقت ڏيو ته جيئن اسان پراسيس فيس جمع ڪرايون جنهن تي عدالت چيو ته پراسيس فيس جمع ٿيڻ کانپوءِ رجسٽرار نوٽيس جاري ڪندو، ان کانپوءِ عدالت گهرو ۽ پرڏيهي وزارتن کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔