فٽبال وومين ليگ ڪپ: چيلسي ويسٽ هيم کي هارائي ڇڏيو

لنڊن: فٽبال وومين ايف اي ليگ ڪپ سيمي فائنل ۾ چيلسي ويسٽ هيم کي ڇهه صفر سان گهمائي ڇڏيو، پرنيلا هارڊر شاندار هيٽ ٽرڪ اسڪور ڪئي، برسٽل سٽي وومين ليسٽر سٽي کي هڪ صفر سان شڪست ڏئي ڇڏي.
چيلسي جي رانديگرياڻين برتري ڏيکاريندي گول تي گول ڪيا، هڪ ٻه نه ڇهه صفر جي وڏي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي، فائنل ۾ نيلا هارڊر جي شاندار هيٽ ٽرڪ مقابلن کي يادگار بڻائي ڇڏيو.
برسٽل سٽي وومين ليسٽر سٽي کي هڪ صفر سان شڪست ڏئي آئوٽ ڪري ڇڏيو، ڪيرا اسڪيلز اڻويهين منٽ تي هيڊرل گول ڪيو، اهوئي گول فيصلائتو ثابت ٿيو، وومين ايف ليگ ڪپ جو ٽائٽل مقابلو ايندڙ مهيني ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔