ميانمار ۾ فوجي بغاوت: عوامي دٻاءُ کان پوءِ سوشل ميڊيا بلاڪ ڪيو ويو

ميانمار: ميانمار ۾ فوجي بغاوت جي خلاف مهم هلائڻ تي فيس بڪ سميت سموريون سوشل ميڊيا ايپس بلاڪ ڪيون ويون آهن.ميانمار ۾ فوج طرفان حڪومت جو تختو اونڌو ۽ اهم سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ عوامي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي فوج فيس بڪ سميت سوشل ميڊيا جون سموريون ايپليڪيشن بلاڪ ڪري ڇڏيون آهن.رپورٽن موجب ميانمار ۾ تازي فوجي بغاوت کان پوءِ اهو سوشل ميڊيا پليٽ فارم ماڻهن جي وچ ۾ رابطن جو انتهائي اهم ذريعو ثابت ٿي رهيو آهي خاص طور تي اهم حڪومتي اڳواڻن جي گرفتاري کان پوءِ اپوزيشن طرفان فوجي بعاوت جي خلاف باقاعده مهم هلائي پئي وڃي جنهن کي عوام طرفان به گهڻي موٽ ملي رهي آهي.ان حوالي سان مواصلات واري وزارت طرفان سوشل ميڊيا تي پابندي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو ملڪي استحڪام جي لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن ۽ هو فيس بڪ تي جعلي خبرن سميت اهڙيون افواهون پکيڙي رهيا آهن جنهن سبب ماڻهو غلط فهمي جو شڪار ٿي رهيا آهن ان ڪري سوشل ميڊيا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي جيڪا 7 فيبروري تائين برقرار رهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔