ناليواري فنڪار بلال سعيد جي پنهنجي ڀاءُ سان جهيڙي واري ويڊيو وائرل

لاهور:ناليواري فنڪار بلال سعيد جو ذاتي معاملي تي پنهنجي ڀاءُ سان جهيڙي جي مبينا ويڊيو وائرس ٿي رهي آهي.
بلال سعيد ۽ ڀاءُ جي وچ ۾ جهيڙي جي فوٽيج منظر تي اچي وئي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڊولفن فورس جي موجودگي ۾ بلال سعيد پنهنجي ڀاءُ ۽ هڪ عورت سان وڙهي رهيو آهي.
پوليس موجب واقعو 10 جنوري تي سندر ٿاڻي جي حدن ۾ پيش آيو. فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڊولفن اهلڪار بچاءُ ڪندا رهيا.
پوليس موجب بلال سعيد پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست به ڏني هئي، ڌرين جي وچ ۾ صلح ٿيڻ تي ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.
ان حوالي سان بلال سعيد جي مينيجر مرتضيٰ جو چوڻ حو ته اسان ان باري ۾ ڪا به ڳالهه نٿا ڪرڻ چاهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔