اسٽيڊيم شهر کان ٻاهر کڻي وڃو، جنهن کي ميچ ڏسڻي هوندي، اچي ڏسندو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: ڏکڻ آفريقي ٽيم جي موجودگي دوران اهم روڊ بند ڪرڻ واري معاملي تي ٽريفڪ پوليس ۽ آءِ جي سنڌ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته روڊ بند ٿيڻ سبب ماڻهو 10 ڪلاڪ دير سان گهرن ۾ پهچن ٿا، اها ڪهڙي تفريح فراهم ڪئي وڃي ٿي، اسٽيڊيم شهر کان ٻاهر کڻي وڃو، جنهن کي راند ڏسڻي هوندي، اهو پاڻ ئي ايندو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪرڪيٽ ميچ دوران روڊ بند ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران ايس پي ٽريفڪ اوڀر ۽ آءِ جي سنڌ جي نمائندن جواب جمع ڪرايو. جواب ۾ چيو ويو ته وزيراعظم ڏکڻ آفريقي ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي سان ايونٽ سٺي نموني پڄاڻي تي پهتو. عدلت پڇاڻو ڪيو ته ڪير ٽريفڪ بند ڪري ٿو ۽ ڪنهن جي چوڻ تي بند ڪئي وڃي ٿي، جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته ماضي ۾ حملا ٿي چڪا آهن، ان ڪري فول پروف سيڪيورٽي ڏني وڃي ٿي. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته اها ڪهڙي تفريح اوهان فراهم ڪري رهيا آهيو؟ ٽريفڪ بند هئڻ ڪري ماڻهو ڏهه ڪلاڪ دير سان گهرن ۾ پهچن ٿا، پوءِ شهر کان ٻاهر کڻي وڃو اسٽيڊيم، جنهن کي ميچ ڏسڻي هوندي ايندو. عدالت گهرو کاتي ۽ ڪمشنر ڪراچي کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 17 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي……..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔