سنڌ حڪومت پاران موجوده صورتحال ۾ مڪاني چونڊن ڪرائڻ کان لاچاري ظاهر

ڪراچي: سنڌ حڪومت موجوده صورتحال ۾ مڪاني چونڊن ڪرائڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي، مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته تڪ بندين ۽ آدمشماري نوٽيفاءِ ٿيڻ تائين صوبي ۾ مڪاني چونڊون نٿيون ٿي سگهن، ماضي ۾ مدو پورو ٿيڻ باوجود مخالفن جون مڪاني حڪومتون هيون. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته فائر ٽينڊرز ڪراچي پهچڻ ۾ اڍائي سال لڳي ويا، جيڪي پورٽ تي موجود آهن ته وزيراعظم اچي ۽ فوٽو سيشن ڪري. هن چيو ته وفاق گرين لائين ۽ ڪي فور منصوبا مڪمل ڪرڻ جا واعدا ڪيا ۽ جون 2009ع ۾ ڪراچي جون ٽي وڏيون اسپتالون سنڌ کي ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر هڪ به واعدو وفا ناهي ٿيو. مرتضيٰ وهاب چيو ته پي ٽي آءِ ٽرانسپيرنسي جي رپورٽ تي ٻين کي ڏوهه ڏيندي هئي، اڄ پاڪستان جي پوزيشن ۾ چئن پوائنٽس جي گهٽتائي تي خاموش بڻيل آهي………..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔