ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف ڪرپشن ريفرنس: جوابدار جي وڪيل پاران جاچ آفيسر جي بيان تي جرح مڪمل

ڪراچي: احتساب عدالت ۾ پيٽروليم بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف ڪرپشن ريفرنس ۾ جوابدار عبدالحميد جي وڪيل جاچ آفيسر جي بيان تي جرح مڪمل ڪري ورتي، عدالت ايندڙ ٻڌڻيءَ تي گواهه اشفاق کي هر صورت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي. احتساب عدالت ۾ پيٽروليم واري اڳوڻي صلاحڪار ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين خلاف ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻيا پيش ٿيا. ٻڌڻيءَ دوران جوابدار عبدالحميد جي وڪيل جاچ آفيسر جي بيان تي جرح مڪمل ڪري ورتي. عدالت ڪيس ٻڌڻي 11 فيبروري تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻيءَ تي گواهه اشفاق کي هر صورت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔