جوهري تڪرار بابت ايراني تجويز تي آمريڪا جو ردعمل

واشنگٽن : جوهري معاهدي جي بحالي جي سلسلي ۾ ايران جي تازي تجويز تي آمريڪا محتاط ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب صدر جو بائيڊن انتظاميا ايران سان ٻيهر سڌي ريت رابطو ڪرڻ کان اڳ پنهنجي اتحادين سان صلاح مشورو ڪندي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ايران 2015 جي معاهدي تحت پنهنجي ذميوارين تي مڪمل عمل ڪري ٿو ته آمريڪا به ائين ئي ڪندو.
واضح رهي ته ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف آمريڪا سان جوهري تڪرار ۾ يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي نگران اهلڪار جوزيپ بوريل طرفان ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔