سعودي عرب طرفان پاڪستان سميت 20 ملڪن جي شهرين جي ملڪ داخلا بند

رياض : سعودي عرب پاڪستان ۽ برطانيا سميت 20 ملڪن کان ايندڙن تي عارضي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
سعودي جي گهرو وزارت عارضي طور پابندي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن موجب سعودي شهري، سفارتڪار، طبي عملو ۽ سندن گهر ڀاتي پابندي کان آجا هوندا، باقي سڀني ماڻهن جي سعودي عرب اچڻ تي عارضي پابندي هوندي.
سعودي عرب جي گهرو وزارت طرفان چيو ويو آهي ته اها پابندي ڪورونا جي موجوده صورتحال ۽ صحت جي حوالي سان لاڳو ڪئي وئي آهي.
گهرو وزارت موجب اها پابندي 20 ملڪن کان ايندڙن تي لاڳو ڪئي وئي آهي، جن ۾ پاڪستان، ڀارت، آمريڪا، برطانيا، گڏيل عرب امارتون، انڊونيشيا، آئرلينڊ، اٽلي، برازيل ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔