شڪارپور جي عدالت پاران قتل ڪيس ۾ شهريار مهر سميت 13 ڄڻن تي فرد جرم لاڳو

شڪارپور: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت قتل ڪيس ۾ جي ڊي اي ايم پي اي شھريار مھر سميت 13 ڄڻن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ جي عدالت لکي ۾ زميني تڪرار تان قتل ڪيل لعل محمد جاگيراڻي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو. عدالت پاران ايم پي اي شھريار مھر،گل محمد مھر،اياز علي مھر،غلام شبير مھر سميت 13 ڄڻن مٿان فرد جرم لاڳو ڪندي شاھديون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڇھه مھينا اڳ مھر برداري پاران زميني تڪرار تان لعل محمد جاگيراڻي کي قتل ڪيو ويو ھو. قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيڻ بعد 6 مھينا اڳ عدالت کان جي ڊي اي ايم پي اي شھريار مھر جي ضمانت ورتل آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔