هڪڙن کي ترقيون ملن ٿيون ۽ ٻين کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي جي 12 هزار ليڪچررز کي ترقيون ۽ ٽائيم اسڪيل نه ڏيڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران سيڪريٽري تعليم جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي، جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي هلائينداسين، ماڻهو 18 سالن کان انتظار ڪري رهيا آهن، امتيازي سلوڪ نه ڪيو وڃي، هڪڙن کي ترقيون ملن ٿيون ۽ ٻين کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي 12 هزار ليڪچررز کي ترقيون ۽ ٽائيم اسڪيل نه ملڻ خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران سيڪريٽري تعليم ليڪچررز کي ترقيون ڏيڻ واري معاملي تي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن تي عدالت بي اعتمادي ظاهر ڪئي.عدالت رمارڪس ۾ چيو ته ماڻهو 18 سالن کان انتظار ڪري رهيا آهن، امتيازي سلوڪ نه ڪيو وڃي، هڪڙن کي ترقيون ملن ٿيون ۽ ٻين کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي هلائينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔