ملڪ جن حوالي ڪيو ويو، اهي عوامي مسئلن کان اڻڄاڻ آهن: شازيه مري

اسلام آباد: پ پ اڳواڻ شازيا عطا مري چيو آهي ته حڪومت هر معاملي ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، ملڪ جن جي حوالي ڪيو ويو آهي اهي عوامي مسئلن کان اڻ واقف آهن. جاري ڪيل بيان ۾ شازيا مري چيو ته مهانگائي، بيروزگاري ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو.هن چيو ته عوام پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ پي ڊي ايم طرف ڏسي رهيو آهي،پي ڊي ايم ۾ ڪوبه اختلاف ناهي.پ پ اڳواڻ چيو ته وفاقي حڪومت هينئر تائين ويڪسين جي خريداري تي هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو آهي.وفاقي حڪومت سينيٽ اليڪشن کان اڳ هارس ٽريڊنگ ۾ رڌل آهي،وفاقي حڪومت ، سنڌ حڪومت کي ويڪسين گهرائڻ جي اجازت نه ڏئي رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔