عمران خان جِي استعيفيٰ واري مشروط آڇ جِي ڪا به معنيٰ ناهي: يوسف رضا گيلاني

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته عمران خان جِي استعيفيٰ واري مشروط آڇ جِي ڪا به معنيٰ ناهي، قانوني ماهرن جِي راءِ تي سينيٽ ۽ ننڍي چونڊ ۾ حصو ورتو ويو آهي، سڀاڻي پي ڊي ايم جَي سربراهي اجلاس ۾ اهم فيصلا ٿيندا.ٽڊاپ ڪرپشن ڪيس ۾ وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ڪراچي ۾ پيشيءَ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته پي ڊي ايم جي ٽهريڪ ٿڌي ناهي ٿي حيدرآباد ۾ ڀرپور جلسو ٿي رهيو آهي ۽ ڪشمير ڏهاڙي تي به جلسو منعقد ٿيندو.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته استيفائن وارو آپشن آخري هوندو ، ڪنهن جي چوڻ تي نه پر پي ڊي ايم پنهنجي حمڪت عملي تحت فيصلا ڪندي. يوسف رضا گيلاني چيو ته عمران خان جِي استعيفيٰ واري مشروط آڇ جِي ڪا به معنيٰ ناهي، قانوني ماهرن جِي راءِ تي سينيٽ ۽ ننڍي چونڊ ۾ حصو ورتو ويو آهي، سڀاڻي پي ڊي ايم جَي سربراهي اجلاس ۾ اهم فيصلا ٿيندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔