سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گم ٿيل ٻارڙن کي بازياب نه ڪرائڻ تان پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ٻارڙن کي بازياب نه ڪرائڻ تان پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي آءِ جي سي آءِ اي، ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کي پيش ٿيڻ ۽ گم ٿيل ٻارڙا بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ڪراچي مان گم ٿيل شهري جاويد جي زال کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ تي نادرا عملدارن مٿان به ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊائريڪٽر نادرا کي طلب ڪري ورتو آهي ، عدالت پڇاڻو ڪيو آهي ته آخر ڇو گم ٿيل شهر ي جي زال کي ڪارڊ جاري نه پيو ڪيو وڃي؟.سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ٻارڙن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت گم ٿيل 13 ٻارڙن جي بازياب نه ٿيڻ تي پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.پوليس عدالت کي ٻڌايو ته هڪ گم ٿيل بارري ندا جو راڻيپور ۾ موجودگي جو اطلاع مليو آهي، جيڪا شاهد نالي جوابدار وٽ آهي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته اطلاع باوجود ٻارري جي بازيابي لاءِ ڪو قدم ڇو نه کنيو ويو آهي، ٻارڙي کي ڪنهن ٻي هنڌ منتقل ڪيو ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي رمارڪس ۾ چيو ته ٻارڙن جي گم ٿيڻ وارو معاملو انتهائي حساس آهي پوليس ٻارڙن جي بازيابي لاءِ ڪارروائي ڇو نه ڪئي آهي؟عدالت گم ٿيل ٻارڙن کي 8 مارچ تائين بازياب ڪرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.عدالت ڪراچي مان گم ٿيل شهري جاويد جي گهر واري کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي نه ڏيڻ تي نادرا عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊائريڪٽر نادرا کي طلب ڪري ورتو.عدالت پڇاڻو ڪيو ته آخر گم ٿيل شهري جي زال کي ڪارڊ ڇو جاري نٿو ڪيو وڃي؟.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔