سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پلي بارگين ڪندڙ آفيسرن کي هٽائڻ واري حڪم تي عملدرآمد رپورٽ طلب

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومت کان پلي بارگين ڪندڙ آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ واري حڪم تي عملدرآمد رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، سيڪريٽري سروسز عدالت کي آگاهي ڏني ته عدالتي حڪم ۽ قانون موجب کاتيوار ڪارروائي ڪري رهيا آهيون وي آر ڪندڙ آفيسرن کي عهدن تي بحال ڪري سگهجي ٿو، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته اسان سپريم ڪورٽ ۽ نيب قانون موجب فيصلو ڪنداسين .سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر پلي بارگين ۽ وي آر ڪندڙ ڪامورن کي عهدن تي بحال ڪرڻ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي هلائي.عدالت پلي بارگين ۽ وي آر ڪندڙن آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ بابت رپورٽ طلب ڪئي.سيڪريٽري سروسز عدالت کي ٻڌايو ته عدالتي حڪم ۽ قانون موجب کاتيوار ڪارروائي ڪري رهيا آهيون وي آر ڪندڙ آفيسرن کي عهدن تي بحال ڪري سگهجي ٿو.جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ۾ چيو ته اسان به اهو ڏسڻ چاهيون ٿا ته پلي بارگين ۽ وي آر ۾ ڪهڙو فرق آهي.عدالت چيو ته اسان سپريم ڪورٽ ۽ نيب قانون موجب فيصلو ڪنداسين .عدالت سنڌ حڪومت کان ايندڙ ٻڌڻي تي پلي بارگين ڪندڙ آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ واري حڪم تي عملدرآمد رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔