ڪرونا ويڪسين لڳائڻ سان بخار ۽ جسم ۾ هلڪي سور جي شڪايت ٿي سگهي ٿي: فيصل سلطان

اسلام آباد: صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ڪرونا کان بچاءُ جي ويڪسين 18 سالن کان وڏي عمر جي ماڻهن کي لڳائي ويندي، ويڪسين لڳائڻ سان بخار نڪرڻ ۽ جسم ۾ هلڪي سور جي شڪايت ٿي سگهي ٿي، جنهن تي گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي.اين سي او سي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته ويڪسين 86 سيڪڙو مريضن لاءِ ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿي.هن چيو ته 22 ڪروڙ آبادي مان پاڪستان ۾ 10 ڪروڙ شهرين کي ويڪسين لڳي سگهجي ٿي.جڏهن ته ويڪسينيشن کانپوءِ 30 منٽن تائين مريض جي سار سنڀال به ڪئي ويندي،ڪنهن پيچيدگي ۾ مريض کي ايمرجنسي ۾ منتقل ڪيو ويندو.ڊاڪٽر فيصل مطابق ويڪسين اسٽريٽجي پلان کي سمورن صوبن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ ترتيب ڏنو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔