پاڪستان عالمي سطح تي ڀارت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي ڀارت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن، اسان ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حمايت جاري رکنداسين. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال تي سلامتي ڪائونسل جا ٽي اجلاس ٿي چڪا آهن.هن چيو ته ڀارت هندوتوا نظرئي ذريعي مسلمانن ۽ ٻين اقليتن کي ديوار سان لڳائي رهيو آهي.پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جو رويو گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ابتڙ آهي ڀارتي ڏاڍ سبب حريت تحريڪ کي هٿي ملي آهي.ان موقعي تي سلامتي جي صلاحڪار معيد يوسف ۽ ٻين عملدارن به خطاب ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔