ن ليگ کي ڊپ آهي ته رپورٽ سامهون آئي ته فارين فنڊنگ پڪڙي ويندي: فرخ حبيب

اسلام آباد: فارين فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي ۾ جاري آهي،ن ليگ ۽ پ پ جي وڪيلن سان گڏ پي ٽي آءِ جو نمائندو فرخ حبيب پيش ٿيو. ٻڌڻي کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فرخ حبيب اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪروٽني ڪميٽي جي اجلاس ۾ هميشه جيان ن ليگ ۽ پ پ ميدان ڇڏڻ جي ڪوشش ڪئي.احسن اقبال بينڪن جو ريڪارڊ پي ٽي آءِ جي وڪيل کي ڏيڻ جي مخالفت ڪئي.هن چيو ته ن ليگ اليڪشن ڪميشن وٽ صرف هڪ اڪائونٽ ظاهر ڪيو،ن ليگ کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن رپورٽ سامهون آئي ته انهن جي فارين فنڊنگ پڪڙي ويندي.فروخ حبيب چيو ته ن ليگ اعتراف ڪري ورتو ته فارين فنڊنگ جي بنياد رکندڙ نوازشريف آهي.هن چيو ته ن ليگ جي چونڊيل ميمبرن تي نااهلي جي تلوار لڙڪي رهي آهي، پي ٽي آءِ کانسواءِ ڪنهن به فنڊ ريزنگ نه ڪئي،ن ليگ هڪ به ڊونر جا تفصيل اسڪروٽني ڪميٽي ۾ جمع نه ڪرائي سگهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔