وفاق نٿو چاهي ته صوبا پاڻ ڪرونا کان بچاءُ جي ويڪسين گهرائين: ناصر شاهه

ڪراچي: صوبائي وزير سيد ناصر شاهه وفاقي وزيرن جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير ڪرونا ويڪسين گهرائڻ لاءِ وفاق کي خط لکيو پر وفاق ويڪسين گهرائڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، وفاق نٿو چاهي ته صوبو پاڻ ڪرونا کان بچاءُ جي ويڪسين گهرائن.پنهنجي بيان ۾ ناصر حسين شاهه چيو ته ويڪسين بابت وفاقي وزير اڄ به ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، ڪرپشن عمران خان ۽ سندس حڪومت جو ٽرينڊ مارڪ بڻيل آهي.سنڌ جي وڏي وزير ڪرونا ويڪسين گهرائڻ لاءِ وفاق کي خط لکيو پر وفاق ويڪسين گهرائڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، وفاق نٿو چاهي ته صوبو پاڻ ڪرونا کان بچاءُ جي ويڪسين گهرائن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔