مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي ڪرتوتن ۽ بيانن مان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو سنڌ کي پنهنجو نه ٿو سمجهي، سڀ کان وڌيڪ گيس پيدا ڪندڙ سنڌ کي گيس نه ٿي ڏني وڃي، جيڪڏهن وزيراعظم ڪم ڪرڻ چاهي ها ته کيس عوام سان فون تي ڳالهائڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها .ڪراچي چيمبر آف ڪامرس ۾ واپارين سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته وفاقي حڪومت مهانگائي تي ضابطو آڻن ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، جيستائين کنڊ، اٽو ۽ بيون شيون سستيون نه ٿينديون ته واپاري اگهه ڪيئن گهٽائيندا، مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي.مرتضيٰ وهاب چيو ته وزيراعطم پنهنجي ڪرتون ۽ بيانن مان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو سنڌ کي پنهنجو نه ٿو سمجهي، سڀ کان وڌيڪ گيس پيدا ڪندڙ سنڌ کي گيس نه ٿي ڏني وڃي.سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو ته ، جيڪڏهن وزيراعظم ڪم ڪرڻ چاهي ها ته کيس عوام سان فون تي ڳالهائڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔