جعلي ڊگري رکڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ جو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جعلي ڊگري رکڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ جو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي ايم پي اي فيصل الزمان جي اپيل منظور ڪري ورتي.واضح رهي ته فيصل الزمان جي خلاف اليڪشن ڪميشن 2013 ۾ جعلي ڊگري تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته آئين مطابق نااهلي جو فيصلو عدالت ئي ڪري سگهي ٿي.عدالت ڄاڻايو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن ڪا عدالت ناهي، جيڪا جعلي ڊگري تي ڪنهن کي نااهل قرار ڏئي.ايڇ اِي سي ڪي سفارش کي برقرار رکي نٿو سگهجي.عدالت ريمارڪس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته اليڪشن ڪميشن ثبوت ريڪارڊ نه ڪيا،اهڙو فيصلو شاهديون ريڪارڊ ڪرڻ کانپوءِ عدالت ئي ڏئي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔