ماهره خان جي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ پهرين فلم ۾ ڪهڙا اداڪار ڊيبيو ڪندا؟

ڪراچي: سپر اسٽار ماهره خان پنهنجي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ پهرين فلم ”بارهوان کلهاڙي“ جو پوسٽر جاري ڪيو آهي.
سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ماهره خان جي پروڊڪشن ۾ ٺهندڙ فلم بارهوان کلهاڙي ۾ پاڪستان جي مشهور فنڪار علي ظفر جو ڀاءُ دانيال ظفر ۽ اداڪاره ڪنزه هاشمي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا.
ان حوالي سان ماهره جو چوڻ آهي ته هن فلم جي ڪهاڻي رشتن، اتحاد، ناڪامي، ڪاميابي، محبت ۽ حوصلاافزائي تي ٻڌل آهي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن سپر اسٽار ماهره خان مداحن کي اداڪاري بعد پروڊڪشن ۾ انٽري جي خوشخبري ٻڌائيندي پروڊڪشن ڪمپني جو لوگو انسٽاگرام تي شيئر ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔