يورپ ۾ مصنوعي دل تيار ڪيو ويو، هلندڙ سال وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو

پيرس: يورپ ۾ انتهائي جديد مصنوعي دل تيار ڪيو ويو آهي جيڪو هلندڙ سال وڪرو جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب فرانسيسي ڪمپني ڪيترن ئي تجربن کان پوءِ مصنوعي دل تيار ڪري ورتو آهي جيڪو هلندڙ سال وڪرو جي لاءِ پيش ڪيو ويندو. ايس نالي هن مصنوعي دل جو وزن 9 سئو گرام آهي جيڪو بيٽرين سان هلندو آهي ۽ هي ڊگهي عرصي تائين ساٿ ڏئي سگهي ٿو.فرانس سميت ٻين ملڪن ۾ دل جي بيماري تي ڪم ڪندڙ ڪارمٽ ڪمپني جو چوڻ آهي ته هر سال 2 ڪروڙ 60 لک ماڻهو دل جي بيماري ۾ مبتلا ٿي دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويندا آهن. يورپ ۾ عضوا عطيو ڪندڙ ماڻهن جو انگ تمام گهٽ آهي. پر مصنوعي دل ان گهٽتائي کي پورو ڪرڻ ۾ ڪنهن حد تائين ڪارآمد ثابت ٿيندو. ڪارمٽ ڪمپني جي سي اي او چيو آهي ته مصنوعي دل جي تياري گذريل ٽن عشرن کان عروج تي هئي. ڪيترائي ڀيرا دعويٰ ڪيا ويا پر ڪجهه اهم ڪلاڪن ۾ مصنوعي دل جي بيهڻ سبب مريض فوت ٿي ويو هو.هن چيو ته تيار ڪيل جديد مصنوعي دل ان ماڻهن جي لاءِ اميد جي روشني آهي جيڪو دل عطيو ڪرڻ جي انتظار ۾ آهن. 2015 ۾ مصنوعي دل لڳائيندڙ شخص نازمل زندگي گذاري رهيو آهي جنهن جو چوڻ آهي ته هو روزاني جا ڪم ڪار پاڻ ڪندو آهي. هو پنهنجو توازن برقرار رکندو آهي، موٽر سائيڪل هلائيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هاڻ مان بالڪل به پريشان نه آهيان پر مان ڊگهن پهاڙن تي چڙهڻ کان پاسو ڪندو آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔