مٿي جي جوئن ڏکڻ آفريقي عورت کي سوشل ميڊيا تي مشهور ڪري ڇڏيو

سڊني: وارن جي تهراپسٽ جي جوئن مارڻ جي وڊيو ٽڪ ٽاڪ تي وائرل ٿي وئي آهي.رپورٽ موجب ڏکڻ آفريقا سان تعلق رکندڙ آسٽريليا ۾ رهندڙ تهراپسٽ ريچ وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن(ايپ) ٽڪ ٽاڪ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن کي ڏسندي ئي ڏسندي 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي. ريچ بيئر تهراپي ڪرائڻ لاءِ ايندڙن جي مٿي مان جوئون ڪڍي پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ ڀري وٺندي هئي، وڊيو ۾ ريچ بيئر پولي پلاسٽڪ جي ٿيلهي مان جوئون ڪڍندي آهي ۽ انهن کي پنهنجي ننهن تي رکي ٻئي هٿ جي نهن سان دٻائي ماري ڇڏيندي آهي.ٽڪ ٽاڪ صارفين جوئون مارڻ جي آواز کي تمام گهڻو تسڪين بخش قرار ڏنو آهي.وائرل ٿيندڙ وڊيو کي 8 نومبر تي شيئر ڪيو ويو ۽ هن وقت تائين ان کي 2 ڪروڙ 2 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي.وڊيو تي ڪمنٽ ڪندي هڪ عورت جو چوڻ هو ته جوئون مارڻ جي آواز ٻڌڻ تسڪين جوڳو آهي پر ان جي وڊيو ڏسي ڪجهه سٺو محسوس ناهي ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔