ڪشمير مسئلي جو پروقار طريقي سان ڪشميرين جي خواهشن موجب حل ٿيڻ گهرجي: آرمي چيف

راولپنڊي: پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن کي پراڻي تڪراري مسئلي ڪشمير کي حل ڪرڻ گهرجي.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ڊي پائليٽ پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمير مسئلي جو پروقار ۽ پرامن طريقي سان ڪشميرين جي خواهشن موجب حل ٿيڻ گهرجي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي پراڻي تڪراري مسئلي ڪشمير کي حل ڪرڻ گهرجي، هي اهو وقت آهي جڏهن امن جو هٿ هر طرف وڌائڻ گهرجي.

آءِ ايس پي آر موجب جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ هو ته پاڪستان امن سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي، اسان گڏيل احترام ۽ پرامن بقا جي گڏيل اصولن تي يقين رکون ٿا، پاڪستان علائقائي ۽ عالمي امن جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن.

آرمي چيف چيو ته اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پاڪستان جي هٿياربند فوج هر خطري کان نبرڻ لاءِ تيار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔