ڀارتي هارين پاران ڇهه فيبروري تي پوري ملڪ جا رستا بند ڪرڻ جو اعلان

نئين دهلي: ڀارتي هارين 6 فيبروري تي ٽن ڪلاڪن لاءِ پوري ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب هارين 6 فيبروري تي 12 وڳي کان 3 وڳي تائين ڦيٿاروڪ احتجاج ۾ ڀارت جي سمورن هاءِ ويز کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
رپورٽ موجب ڀارتي هارين احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته مودي سرڪار ڌرڻي ۾ ويٺل هارين جي ويجهن علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت ختم ڪري ڇڏي آهي ته جيئن آزادي جي اظهار تي ضابطو آڻي سگهجي.
ٻئي طرف هارين جي احتجاج جي رپورٽنگ ڪندڙ ڪيترن ئي صحافين خلاف بغاوت جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
هاري مودي سرڪار جي هاري دشمن قانون خلاف ٻن مهينن کان احتجاج جاري رکيو اچن.
ڀارت ۾ هارين جي تڪراري زرعي قانون جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل تحريڪ هر گذرندڙ ڏينهن زور وٺندي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔