ميانمار ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس طلب

ميانمار ۾ فوجي بغاوت کانپوءِسلامتي ڪائونسل جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خبرو اداري موجب سلامتي ڪائونسل جي ورچوئل اجلاس ۾ ميانمار ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ نئين صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.
ٻئي طرف آمريڪي صدر جوبائيڊن ميانمار ۾ فوجي بغاوت ۽ اقتدار تي قبضي جي شديد مذمت ڪندي جمهوريت جي بحالي تي زور ڏنو آهي.
آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران ميانمار تي ٻيهر پابنديون هڻڻ جي ڌمڪي به ڏني وئي آهي جڏهن ته برطانيا به ميانمار کان سياسي اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو ڪيو آهي.
ياد رهي ته ميانمار ۾ گذريل ڏينهن فوج اقتدار تي قبضو ڪندي ڊي فيڪٽو اڳواڻ آنگ سان سوچي سميت ڪيترن ئي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔