نيها ڪڪڙ هڪ ٻيو وڏو اعزاز ماڻي ورتو

ممبئي: بالي ووڊ جي مشهور ڳائڻي نيها ڪڪڙ هڪ ٻيو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.
نيها ڪڪڙ جا فوٽو اينڊ ويڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي 52 ملين فالوئر ٿي ويا آهن ۽ هوءَ اهڙو اعزاز حاصل ڪندڙ پهرين ڀارتي گلوڪارا آهي.
ان کان اڳ نيها ڪڪڙ کي يوٽيوب طرفان ”ڊائمنڊ ايوارڊ“ ڏنو ويو هو ۽ دلچسپ ڳالهه اها ته ڀارت جو ڪو گلوڪار اهو ايوارڊ به حاصل ناهي ڪري سگهيو.
واضح رهي ته گذريل سال نيها ڪڪڙ جي مشهور گيت ”ملي هو تم هم ڪو“ کي هڪ ارب کان وڌيڪ ويوز ملي ويا هئا، جنهن کانپوءِ اهو گيت پهريون ”ڀارتي لو سانگ“ بڻجي ويو هو، جنهن تي هڪ بلين ويوز آيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔