وزيراعظم جي سنڌ بابت بيان کي غلط رنگ ڏنو ويو: حليم عادل شيخ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته وزيراعظم جي سنڌ بابت بيان کي غلط رنگ ڏنو ويو، ڪجهه لفافي وارن صحافين ۽ دانشورن وزيراعظم جو حوالو ڏئي غلط پروپئگينڊا ڪئي، سنڌ حڪومت نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ آفيسرن کي ترقيون ڏئي رهي آهي، وڏي وزير تي توهين عدالت جو ڪيس ٺهي ٿو.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته وزيراعظم جي سنڌ بابت بيان کي غلط رنگ ڏنو ويو، ڪجهه لفافي وارن صحافين ۽ دانشورن وزيراعظم جو حوالو ڏئي غلط پروپئگينڊا ڪئي. مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته سنڌ حڪومت نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ آفيسرن کي ترقيون ڏئي رهي آهي، وڏي وزير تي توهين عدالت جو ڪيس ٺهي ٿو.حليم عادل شيخ چيو آهي ته سينيٽ لاءِ جمعه بازار لڳي وئي آهي، پر اسان ٽرانسپيرنسي چاهيون ٿا، احساس پروگرام تحت سنڌ ۾ 31 سيڪڙو ماڻهن جي مدد ڪئي وئي آهي، سنڌ جي 50 هزار ماڻهن کي 60 ارب روپيا ڏنا ويا،پ پ ڪرونا ۾ غريبن بدران انور مجيد جهڙن اميرن کي سبسڊي ڏني.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته سينيٽ چونڊ ۾ اوپن ووٽنگ ترميمي بل رد ٿيندو،حڪومت جو ترميمي بل تڪڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي.جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته حڪومتي بل تحريڪ انصاف جي ذاتي مفاد تي ٻڌل آهي، اوپن ووٽنگ بابت صدارتي ريفرنس سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پهريان حڪومت کي ترميمي بل پيش ڪرڻ جي ضرورت ڇو پئي؟.شيري رحمان چيو ته ڪجهه ڏينهن پهريان ترميم پيش ڪرڻ حڪومت جي وائڙائپ جو ثبوت آهي.هن چيو ته چونڊ سڌارا هڪ بل ۽ هڪ ترميم سان نه ٿيندا آهن،ايم پي ايز جا رٽ ڪنهن ٻئي نه پر وزير اعظم پاڻ لڳايا آهن.پ پ اڳواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان کي پنهنجن ميمبرن تي اعتماد ناهي، هن پنهنجن ميمبرن کي ترقياتي بجيٽ نه پر رشوت ڏني آهي،عمران خان سينيٽ چونڊون چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.هن واضح ڪيو ته سينيٽ چونڊون آئين مطابق ٿينديون، وزير اعظم جي خواهشن مطابق نه ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔