خواجا آصف کي جيل مينوئل تحت سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم

لاهور: لاهور جي احتساب عدالت جيل انتظاميا کي حڪم ڏنو آهي ته جيل مينوئل تحت ن ليگ جي سينئر اڳواڻ خواجا آصف کي بي ڪلاس جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.لکت ۾ جاري ڪيل حڪم ۾ عدالت ڄاڻايو ته وڪيل ٻڌايو خواجا آصف ضعيف آهي ۽ مختلف بيمارين ۾ ورتل آهي.عدالت هدايت ڪئي ته خواجا آصف کي گهر جو کاڌو، ميڊيڪل جي سهولت ۽ هيٽر جي سهولت به فراهم ڪئي وڃي.عدالت حڪم ڏنو ته خواجا آصف جي اکين جي معائني لاءِ جيل سپرنٽينڊنٽ انتظام ڪري.واضح رهي ته خواجا آصف جي وڪيل عدالت ۾ استدعا ڪئي ته سندس موُڪل جي عمر 70 سال آهي،ان جي اکين جو معائنو ڪرائڻ ضروري آهي.هن وڌيڪ ڄاڻايو ته جيل انتظاميا خواجا آصف کي جيل مينوئل تحت سهولتون فراهم نه ڪري رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔