ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي سموري ڊيٽا پي ٽي آءِ دور جي آهي: احسن اقبال

اسلام آباد: ن ليگ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو آهي ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي سموري ڊيٽا پي ٽي آءِ جي حڪومتي دور جي آهي، لڳي ٿو حڪومت کي رپورٽ جي اردو ترجمي لاءِ به جسٽس (ر) عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ڪميشن جوڙڻي پوندي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ملڪ ۾ عمران خان نالي ”جيڪو“ پراجيڪٽ آندو ويو، اهو ناڪام ٿي ويو آهي، ان جي ناڪامي سان گڏ ملڪ ۽ رياست ٻڏي رهيا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر غير جانبدار رهيو آهي،بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ڌر بڻجي ويو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به اسيمبلي ميمبر جو گهر ناهي ڊاهيو ويو، معاملو ڪميٽي ۾ بحث هيٺ آڻي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔