ڪرپشن ختم ڪرڻ وارن رڪارڊ ئي ٽوڙي ڇڏيا آهن: اسفند يار ولي

اسلام آباد: عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ وارن 900 ڏينهن ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، نام نهاد صادق ۽ امين جي دور ۾ ڪرپشن وڌندي ئي پئي وڃي. جاري ڪيل بيان ۾ اسفند يار ولي چيو ته ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ اسان جي موقف جي تائيد ڪئي، نيب احتساب نه پر سياسي انتقام جو ادارو آهي، صادق ۽ امين جي دور ۾ پاڪستان ڪرپشن ۾ وڌيڪ 4 درجا هيٺ هليو ويو. اسفند يار ولي چيو ته جيڪڏهن هي حڪمران رهيا ته اهو ڏينهن پري ڪونهي جو پاڪستان 124 رينڪنگ مان 180 نمبر تي هليو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن پاناما تي جي آءِ ٽي ٺهي سگهي ٿي ته ڪرپشن وڌڻ تي به جي آءِ ٽي ٺهڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔