لياري گينگ وار جو سربراهه عذير بلوچ وڌيڪ 2 ڪيسن مان بري

ڪراچي: لياري گينگ وار جو سربراهه عذير بلوچ وڌيڪ 2 ڪيسن مان بري ٿي ويو، ڪراچي جِي مقامي عدالت، ٻن قتل ڪيسن ۾ شاهديون نه ملڻ تي عذير بلوچ کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو آهي ته جيڪڏهن عذير بلوچ ٻئي ڪنهن ڪيس ۾ نامزد ناهي ته کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي، عذير بلوچ هيل تائين 8 ڪيسن مان بري ٿي چڪو آهي.جوابدار تي بلوچ نالي شهري جو قتل جو الزام هو ۽ بغدادي ٿاڻي تي ڪيس داخل هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔