ايس ايس جي سي صارفين لاءِ 44 روپيا في يونٽ گئس مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سئي سدرن گئس صارفين لاءِ 44 روپيا في يونٽ ۾ اضافي جي منظور ڏئي ڇڏي، ميڊيا رپورٽ موجب اضافي جو ڪاٿو مالي سال 2020، 21 جي لاءِ آهي، جيڪا گهربل آمدني جي ضرورت جي بنياد تي يوٽيليٽي جي درخواست تي ڪيو ويو، ريگيوليٽر موجب ڪمپني پنهنجي گهربل آمدني جي ضرورت ۾ 3. 14 ارب روپين جي ڪمي کي پورو ڪري سگهندي، جنهن ۾ گذريل سال جي ڪمي 51 روپيا آهي، جڏهن ته نئين طئي ٿيل قيمت في ايم ايم بي ٽي يو جي 636 روپين جي موجوده قيمت سان 779 روپيا في ملين برٽش ٿرمل يونٽ ( ايم اي ٽي يو) تي تيار ڪئي وئي آهي. ميڊيا رپورٽ موجب اوگرا يوٽيلٽي کي گهريلو صارفين جي لاءِ پنهنجا گئس ميٽر جا ڀاڙا 20 روپين مان وڌائي 40 روپيا ماهوار ڪرڻ جي به اجازت ڏني آهي، اوگرا حڪومت کي سفارش ڪئي ته هو مختلف قسمن جي سمورن صارفين لاءِ في يونٽ قيمت 779 روپيا ڪري ته جئين صارفين گئس جي فراهمي جي گهٽ گهٽ کان قيمت ادا ڪن. اوگرا جو چوڻ آهي ته ايس ايس جي سي ايل اطلاع ڏنو آهي ته گذريل سال جي لاءِ گهربل آمدني جي ضرورت 745. 22 ارب روپين کان وڌيڪ آهي، پر هن کان مالي سال 20017، 18 ۾ 98. 50 ارب جا غير متوقع شارٽ فال ٿيڻ جي ڪري خسارو 242. 28 ارب رهيو، جنهن ۾ ديسي گئس جي ڪاروبار ۾ 95. 78 روپيا في ايم ايم بي ٽو يو اضافي جي ضرورت هئي، پر مداخلت ڪرڻ وارن جي رڪارڊ ۽ دليل جي جاچ پڙتال ڪندي ريگيوليٽر ايس ايس جي سي ال جي لاءِ مقرر ڪيل قيمت ۾ في يونٽ 44 روپيا يا 4. 5 سيڪڙو اضافي جي اجازت ڏني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔