گم ٿيلن جو ڪيس داخل نه ٿيو ته ايس ايس پي خلاف ايف آءِ آر ڪاٽي ويندي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن واري ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي پوليس وارئو، ڪجهه ته خدا جو خوف ڪيو، جيڪڏهن گم ٿيل شهري جو ڪيس داخل نه ڪيو ته لاڳاپيل ايس ايس پي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏينداسين، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ پاران گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس ۾ پوليس آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهارڪيو ، عدالت گم ٿيل شهري جي والد عدالت کي ٻڌايو ته شاهه فيصل ڪالوني ٿاڻي تي پٽ جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرائي ويس پر ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي، عدالت ۾ موجود پوليس عملدارن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ڪير هو، ڇا هيءَ اهلڪار هو؟، درخواستگذار چيو ته جج صاحب، هيءَ اهلڪار ته ٿاڻي تي موجود ئي نه هو، عدالت گم ٿيل شهرين کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي .عدالت ۾ جي آءِ ٽي جي سربراهه پيش ٿي ڪري عدالت کي ٻڌايو ته مختلف ادارن کي خط لکيا آهيون پر گم ٿيل شهري عادل ڪهڙي به حراستي مرڪز ۾ نه آهي جڏهن ڪي پي ڪي جي حراستي مرڪز مان جواب نه مليو آهي .عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ چيو آهي ته ڪي پي ڪي مان جواب نه مليا آهن ته سيڪريٽرن کي پيش ڪيو وڃي، گم ٿيل ماڻهو فوري بارياب ڪرائڻ پهرين ترجيجي هجي ، عدالت آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي ۽ ٻين کان رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 22فبيروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔