رياستي ادارن خلاف تقرير وارو ڪيس، علي وزير تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سينٽرل جيل ۾ موجود دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ فاٽا جي ايم اين اي علي وزير خلاف ڪيس اڳڀرائي ٿي آهي. عدالت جوابدارن تي فردجرم لاڳو ڪرڻ جي 29جنوري جي تاريخ مقررڪري ڇڏي آهي .عدالت ۾ علي وزير جي وڪيل چيو ته منهنجي اصيل جي تقرير رياست جي خلاف نه پر ادارن جي خلاف ڪئي هئي.سرڪاري وڪيل چيو ته ادارا به رياست جا آهن، عدالت سوال ڪيو ته ڇا اوهان کي جلسي جي اجازت ملي هئي، جلسي اجازت گهري پري ملي نه هئي.عدالت چيو ته اوهان قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪئي، سزا ڪاٽيندڙ ٻيهر اليڪشن ۾ حصو نٿا وٺي سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔