ٻارن کي پنائيندڙ مافيا کي سزا ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پينو فقيرن جي خلاف ڪارروائي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، ايس ايس پي ڏکڻ سميت ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ رپورٽ جمع ڪرائي.عدالت حڪم ڏيندي چيو آهي ته ٻارڙن جي پنائيندڙن مافيا جي خلاف ڪاروائي ڪئي وئي،گرفتارڪيل جوابدارن کي سزاڏياريو ته جيڪي مافيا آهن ان کي خبر پئجي،عدالت چيو ته اين جي اوز ان حوالي سان ڇا ڪري رهي آهي .عدالت ۾ ليگل ايڊ ساسوئٽي جي وڪيل پنهنجي ڪارڪردگي جي رپورٽ پيش ڪئي،اسان جي ويلفيئر ڪميٽي قيدين جي حوالي سان ڪم ڪري رهي آهي، ايس ايس پي ڏکڻ چيو ته 14ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جيڪي ٻارفقير آهن، ان کي گرفتار ڪري سندن مائٽ جي حوالي سان معلومات ورتي پئي وڃي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 2مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔