خورشيد شاهه خلاف ڪيس، نيب 13 جوابدارن کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي

ڪراچي: نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي ڪيس ۾ گرفتار پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه ڪيس ۾ 13 جوابدارن کي ڪلين چٽ ڏئي ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ مبينا شريڪ جوابدارن جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ۾ نيب جي پراسڪيوٽر چيو ته پهلاج مل،اعجازاحمد سميت 13جوابدار نيب کي گهربل نه آهن صرف هڪ جوابدار برڪت الله بلوچ نيب کي گهرجي،جوابدارن جي خلاف انڪوائري مڪمل ٿي وئي آهي، عدالت برڪت الله جو ڪيس الگ ڪري ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔