ڪريما بلوچ جي تدفين وقت ڪو ڪرفيو نه هو: ڄام ڪمال

اسلام آباد: بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته ڪريما بلوچ جي تدفين جي موقعي تي ڪو به ڪرفيو نه هو، مڙهه کي فوري طور سندس اباڻي علائقي پهچايو ويو هو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڄام ڪمال چيو ته تدفين ۾ مقامي ماڻهن شرڪت ڪئي، پهريون ڀيرو عورتن به جنازي ۾ شرڪت ڪئي، جيڪي پارٽيون ان معاملي کي هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون، ڪريما بلوچ جي ماضي جون تقريرون نيشنل پارٽي ۽ بي اين پي مينگل خلاف هيون، يقين آهي ته پاڪستان حڪومت ڪريما بلوچ جي موت جو معاملو ڪينڊين سرڪار آڏو اٿاريو هوندو، هي واقعو ٽورنٽن ۾ ٿيو، جتي دنيا جو بهترين قانون آهي، جسٽن ٽروڊو کي واقعي جي وضاحت ڪرڻ گهرجي، هڪ سوالي جي جواب ۾ ڄام ڪمال چيو ته بلوچستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي موجودگي ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔