شبلي فراز بلاول ۽ مريم کي پي ڊي ايم جي تباهي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز کي پي ڊي ايم جي تباهي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

سينيٽر شبلي فراز ٽوئٽ ڪندي چيو ته جنهن سياست جي بنياد اهليت جي بجاءِ خانداني ورهاست تي قائم هجي ته ان جو انجام اهوئي ٿيندو جيڪو اڄ پي ڊي ايم جو آهي.

شبلي فراز وڌيڪ چيو ته هن اتحاد جي بربادي جا ذميوار ٻه نوان سياسي وارث آهن جيڪي پنهنجي وڏن کي به اڳيان ڪرڻ کان نه مڙيا.

شبلي فراز چيو ته عمران خان پاڪستان ٺاهيندو رهندو سياسي مخالف پنهنجون پارٽيون تباهه ڪندا رهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔