ڪورونا وگهي وڌيڪ 74 مريض حياتيون وڃائي ويٺا،1500 کان مٿي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد:  ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 47 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن جي تصديق ٿي وئي آهي. جنهن کان پوءِ هن موذي وبا سبب حياتيون وڃائيندڙ مريضن جو گڏيل انگ 11 هزار 450 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 41 هزار  285 ٽيسٽون ڪيون ويون. جنهن کان پوءِ هن وائرس جي سڃاڻپ جي لاءِ ڪيل ٽيسٽن جو انگ 77 لک 64 هزار 114 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ هڪ هزار 563 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.

اهڙي طرح ملڪ ۾ هن وبا جو شڪار ماڻهن جو گڏيل انگ 5 لک 37 هزار 477 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب گذريل ڏينهن ڪورونا جا 2 هزار 81 مريض صحتياب ٿيا آهن. جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ هن وبا کي شڪست ڏيندڙن جو انگ 4 لک 92 هزار 207 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 33 هزار 820 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 74  مريض فوت ٿي چڪا آهن اهڙي طرح ملڪ ۾ هن وبا جي هٿان فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 11 هزار 450 ٿي ويو آهي جڏهن ته 2 هزار 165 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔