ڪنهن به دشمن کي ملڪ جو امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: شيخ رشيد

پشاور: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ڪنهن دشمن کي ملڪ جو امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

ڪي پي ڪي کي سمورا ضروري وسيلا مهيا ڪنداسين. رپورٽ موجب وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي صدارت هيٺ پشاور ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان به شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري، آءِ جي ڪي پي، گهرو سيڪريٽري ۽ ٻيون اختياريون به اجلاس ۾ موجود هيون. شيخ رشيد کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه ۽ قبائلي ضلعن ۾ امن امان جي گڏيل صورتحال جو جائزو ورتو ويو. صوبي خاص طور تي ضم ٿيل ضلعن  ۾ امن امان جي تازي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن امن امان جي گڏيل صورتحال تي اطمينان جو اطهار ڪيو. ان کان علاوه امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۽ وڌيڪ بهتري جي مختلف تجويزن تي به غور ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔