موٽرسائيڪل سوارن لاءِ حادثن کان بچڻ لاءِ ايئربيگ جينز تيار

واشنگٽن: سوئيڊن جي ڊزائينر موٽرسائيڪل هلائيندڙن کي حادثن کان بچائڻ لاءِ ايئربيگ جينز ٺاهي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب سوئيڊن جي هڪ ڊزائينر موسس شاهريو موٽر سائڪل هلائيندڙن لاءِ هڪ اهڙي جينز ٺاهي آهي جنهن ۾ ايئربيگ لڳل آهن جيڪي حادثي جي صورت ۾ نقصان کان بچائيندا.
ڊزائينر موسس شاهريو جو چوڻ آهي ته ان کان پهريان به موٽرسائيڪل هلائيندڙن لاءِ هڪ اهري جيڪٽ ٺاهي جيڪا حادثي جي صورت ۾ موٽرسائيڪل هلائيندڙ جي ڳچي، ٻانهن، چيلهه، سيني ۽ ڪرنگهي جي هڏي کي محفوظ ڪري ٿي پر مشاهدي ۾ اچي ٿو ته ڪنهن به حادثي ۾ اڪثر ڄنگهون گهڻو متاٿر ٿين ٿيون تنهن ڪري ايئربيگ واري جينز ٺاهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔