براڊشيٽ پاناما ٽو آهي، ڪافي شيون سامهون اينديون:شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن کي جيڪو وڻي سو ڪري کيس ڪجهه نه ملندو.

وفاقي گهروپ وزير شيخ رشيد چيو آهي ته هن وقت مسلم ليگ(ن) ۽ مولانا فضل الرحمان جو نالو اپوزيشن آهي، پيپلزپارٽي جيڪو وڻيس چوندي رهي پر آئون ان کي اپوزيشن ۾ نٿو سمجهان، هي لانگ مارچ ڪندا ۽ جهڙيءَ طرح جو هو سلوڪ ڪندا اهڙيءَ طرح جو اسان ڪنداسين.

هن چيو ته هو پنهنجي طاقت ڏسي پوءِ فيصلو ڪندا پر جيڪڏهن هو سمجهي رهيا آهن کين 31 جنوري تائين استعيفيٰ ملندي ته استعيفيٰ نه آڱوٺو ملندو.

براڊشيٽ انڪوائري ڪاميٽي جي حوالي سان شيخ رشيد جو چوڻ هو ته حڪومت جسٽس رٽائرڊ شيخ عظمت سعيد شيخ کي ڪاميٽي جو سربراهه مقرر ڪرڻ واري فيصلي تي قائم آهي، ڪاميٽي ان ۾ شامل سمورن ڪردارن کي گهرائي جاچ ڪندي مون فارين فنڊنگ ڪيس کي نه براڊشيٽ کي پاناما ٽو چيو آهي، اصل ڪيس اهو هوندو، اهو ڪيس ڪافي گهمندو ۽ ڪافي شيون سامهون اينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔