ورون ۽ نتاشا شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا، تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

ممبئي: بالي ووڊ جي اداڪار ورون دهون پنهنجي پراڻي دوست ۽ فيشن ڊيزائنر نتاشا دليل سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو آهي جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار ڊيوڊ دهون جي پٽ ۽ نوجوانن جي پسنديده اداڪار ورون دهون پنهنجي پراڻي دوست نتاشا دلال سان شادي جي تقريب مهاراشٽرا جي علي باغ ۾ هڪ فائيو اسٽار هوٽل دي مينشن هائوس ۾ ٿي جتي انهن جي ويجهن دوستن ۽ مائٽن جي موجودگي ۾ شادي جون سموريون رسمون اداڪيون ويون.شادي جي تقريب ۾ فيشن ڊيزائنر نتاشا دلال پنهنجي ئي ڊيزائن ڪيل ڪپڙن کي ترجيح ڏني. جڏهن ته اداڪار ورون دهون پنهنجي زال جا ڊيزائن ڪيل ڪپڙا پائڻ جي بجاءِ بالي ووڊ جي مشهور ڊيزائنر منيش ملهوترا جا ڊيزائن ڪيل ڪپڙا پاتا.ٻئي طرف اداڪار ورون دهون پنهنجي انسٽاگرام جي اڪائونٽ تي شادي جون مختلف تصويرون شيئر ڪيون جن ۾ مائٽن جي سامهون پنهنجي زال نتاشا جي هٿن ۾ هٿ وجهي ڦيرا وٺندي نظر اچي رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔